پطرس بخاري

پطرس بخاري

پطرس بخاري

پطرس بخاري: اردوءَ جو ناميارو اديب، ريڊيي جو شهرت يافته براڊ ڪاسٽر ۽ تعليمي ماهر احمد شاهه ’پطرس‘ بخاري، پهرين آڪٽوبر 1898ع تي پشاور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڪوئيٽا مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئ، بعد ۾ ڪئمبرج يونيورسٽي لنڊن جي اميونيئل ڪاليج مان انگريزيءِ ۾ ايم. اي ڪيائين. 1927ع ڌاري اعليٰ تعليم پوري ڪري هيءُ واپس ڏيهه پهتو ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. هندستان جي ورهاڱي کان اڳ کيس 1947ع تائين آل انڊيا ريڊيي جو ڊائريڪٽر جنرل منتخب ڪيو ويو هو. پاڪستان ٺهڻ بعد 1947ع کان 1950ع تائين گورنمينٽ ڪاليج لاهور جو پرنسپال ٿي رهيو. ان زماني ۾ پطرس جي نالي سان طنز ۽ مزاح تي مبني ڪالم لکندو هو، جن ڪافي مقبوليت ماڻي. 1950ع ڌاري کيس پاڪستان حڪومت پاران اقوام متحده ۾ مستقل نمائندو مقرر ڪيو ويو. 1952ع ڌاري هن سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. بهتر خدمتون سرانجام ڏيڻ جي بدولت 1954ع ۾ اقوام متحده جهڙي عالمي اداري جي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ڪجهه عرصي لاءِ اداري جو انڊر سيڪريٽري به رهيو. 1972ع ڌاري سندس مضمونن جو ڪتاب ”پطرس ڪي مضامين“ جي نالي سان ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. پطرس بخاريءَ جي نالي سان اسلام آباد ۾ هڪ روڊ به آهي، جنهن روڊ تي پاڪستان اڪيڊمي ادبيات ۽ مقتدره قومي زبان جا ادارا موجود آهن. پطرس بخاريءَ جي وفات کان 45 سال پوءِ جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ سندس خدمتن جي اعتراف طور 2003ع ۾ کيس ”هلال امتياز“ جي تمغي سان نوازيو ويو. هيءُ 5 ڊسمبر 1958ع تي وفات ڪري ويو. سندس مزار نيويارڪ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.10.01  عيسوي

احمد شاهه ’پطرس‘ بخاري، پهرين آڪٽوبر 1898ع تي پشاور ۾ ڄائو.


1958.12.05  عيسوي

پطرس بخاري 5 ڊسمبر 1958ع تي وفات ڪري ويو. سندس مزار نيويارڪ ۾ آهي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مدد علي سنڌي
خواجه ذوالفقار
پلي معمور يوسفاڻي
ڊاڪٽر عبدالغفورسنڌي ميمڻ
عبدالغفار گوهر دائودپوٽو
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
پدم راج شرما
چيٽرجي شرت چندر
ستيش روهڙا
مختيار سمو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون